- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو ڪشميرين حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هو ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي مظفر آباد پهچي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي قرضن جي دٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ پسند ۽ ناپسند کي دفن ڪرڻو پوندو، ٽيڪس چور مافيا ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق، وزيراعظم شهباز شريف جو هيلي پيڊ تي آڌرڀاءُ ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق وچ ۾ ملاقات ٿي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق، شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي غير مشروط حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هو ڪشميرين حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هو ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق عهدو سنڀاليندي ئي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو برسات متاثر ماڻهن سان ملاقات لاءِ هتي اچڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.- Advertisement -
