- Advertisement -
پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا ۽ نيئر بخاري چيو آهي ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ ۾ آصف زرداري پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته آصف علي زرداري ٻيو ڀيرو صدر چونڊجو آهي، ملڪ جن بحرانن ۾ گهڙيل آهي، ان مان آصف زرداري ئي ڪڍي سگهي ٿو. هن چيو ته آصف زرداريءَ 2008ع کان 2013ع تائين پنهنجي حڪومت کي اتحاد سان هلايو، ملڪ کي اهڙي شخص جي ضرورت آهي جيڪو ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي سگهي. ان موقعي تي نيئر بخاري چيو ته پ پ جمهوريت جي تسلسل تي يقين رکي ٿي، آصف زرداري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ملڪ کي مسئلن مان ڪڍندو، هن ئي اختيار پارليامينيٽ کي منتقل ڪيا. هن چيو ته آصف علي زرداري ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.- Advertisement -
