- Advertisement -
صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جو مسقتبل روشن آهي، الله سندس ڪوتاهيون معاف ڪري.
صدر جي حيثيت جاري ڪيل الوداعي بيان ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر طور ملڪ جي عوام جي خدمت سندس لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.
هن چيو ته الله سندس ڪوتاهين تي کيس معاف ڪري ۽ سٺن عملن جو اجر ڏي، سندس گهرواري ثمينه علوي به ان دعا ۾ ساڻس گڏ آهي.
ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کيس ڪو شق ناهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، ملڪ جي تيرهين صدر جي ايڪس هينڊل تي هي سندس آخري پيغام آهي، هي اڪائونٽ آگسٽ 2018ع ۾ ٺاهيو هو، هو صدر جو ايڪس هينڊل ملڪ جي چوڏهين صدر کي منتقل ڪري رهيو آهي…………- Advertisement -
