- Advertisement -
جي يو آءِ سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته ملڪ ۾ امن ناهي، اليڪشن ڪرائڻ لاءِ امن ضروري آهي، کيس به ٿريٽ آهن، بلٽ پروف گاڏي گهري ته چيو ويو ته پاڻ وٺو، هو 10 ڪروڙ جي بلٽ پروف گاڏي ڪيئن وٺي؟
جاري ڪيل بيان ۾ عبدالغفور حيدري چيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سيءُ هوندو آهي، هن ادارن کي ٻڌايو، ان باوجود ادار ۽ عدليا اليڪشن ڪرائڻ واري ضد تي قائم آهن.
هن چيو ته ماضي ۾ به مٿن حملا ٿيا پر هنن ڪجهه به نه ڪيو، مولانا فضل الرحمان تي حملو ٿيو، اليڪشن ڪميشن کي چيو ته هنن حالتن ۾ اليڪشن ڪرائي پئي وڃي.
جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان کي ٿريٽ آهي، جڏهن ٿريٽ ايندو آهي ته حملو ڪندڙ جا تفصيل ٻڌايا ويندا آهن، جيڪڏهن هي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن ته ڇا ملڪ دهشتگردن حوالي ڪيو ويندو؟- Advertisement -
