تازه ترين

اليڪشن ٿيندي ۽ انهن کي پرامن بڻايو ويندو، پاڪستان رياست جي جنگ وڙهي رهيو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن ٿيندي ۽ انهن کي پرامن بڻايو ويندو، پاڪستان رياست جي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ 98 سيڪڙو بلوچ ساڻن گڏ آهن، هٿياربند ٽن کان پنج هزار ماڻهن کي ماري چڪا آهن ۽ اهي دهشتگردي کي جدوجهد چون ٿا، جن ماڻهن کي انهن جي حمايت ڪرڻي آهي اهي هٿياربند تنظيمن جي ڪيمپ جوائن ڪن،  احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي جي حمايت ڪندڙن کي قبول نه ڪيو ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته احتجاج جو حق سڀني کي آهي پر آئين جي اندر رهي ڪرڻ گهرجي، 9 مئي تي احتجاج ڪندڙن جو مسئلو به اِهو ئي هو اهي دائري کان ٻاهر اچي ويا. هن چيو ته احتجاج ڪندڙن جي پوليس سان چڪرين کي غزا سان ڳنڍيو پيو وڃي، کيس ۽ سڀني کي پنهنجي  جيءَ ۾ جهاتي پائڻ جي ضرورت آهي، رات واري واقعي کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن بلوچستان ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو، اهي هٿياربند تنظيمن جا ماڻهو آهن، اهي هٿياربند ٽن کان پنج هزار ماڻهن کي ماري چڪا آهن ۽ اهي دهشتگردي کي جدوجهد چون ٿا. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي جي حمايت ڪندڙن کي قبول نه ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن کي انهن جي حمايت ڪرڻي آهي اهي هٿياربند تنظيمن جي ڪيمپ جوائن ڪن، مٿس بار بار تنقيد ڪندڙ پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اهو رياست ۽ هٿياربند تنظيمن وچ ۾ جهيڙو آهي، مولابخش دستي، شفيق مينگل سڀ ڪير هئا؟ اهي انگريز نه پر بلوچ هئا، بلوچستان ۾ 90 هزار ماڻهو قتل ٿيا آهن پر نون ماڻهن کي به سزا ناهي ملي. هن چيو ته هندستان جي فنڊنگ کان اهي هٿياربند تنظيم هلي رهي آهي، پاڪستان رياست جي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ وڙهندو رهندو، 98 سيڪڙو بلوچ ساڻن گڏ آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جيڪي سمجهن ٿا ته قتل جائز آهي ته اهي قانون ٺاهن،  راءِ جي آزاديءَ جو حق سڀني کي آهي پر سوشل ميڊيا تي پابندي نه هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ٿيندي ۽ انهن کي پرامن بڻايو ويندو، هو پاڻ 8 فيبروري تي ووٽ ڏيڻ ويندو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پنجاب کي فنڊن جي ضرورت ناهي، اهو ڪمائو پٽ آهي، وفاق پنجاب سان گڏجي اڳتي ڪم ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کان ايندڙ قسط ملي ويندي، ايف بي آر جيڪا رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪئي آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، قرض وٺڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي آمريڪا دنيا ۾ سڀ کان وڏو قرضي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون