- Advertisement -
ملڪ ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، عيدالاضحيٰ 17 جون تي سومر ڏينهن ملهائي ويندي.
ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن، اسپارڪو جي نمائندن ۽ چيف ميٽ آفيسر سردار سرفراز به شرڪت ڪئي.
مختلف شهرن ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس پڻ ٿيا، جن ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون گڏ ڪري رپورٽ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ ڏانهن موڪلي ڪئي.
مرڪزي چنڊ ڏسڻيءَ شاهدين جو جائزو ورتو، جنهن بعد چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پشاور، دادو، اسڪردو ۽ ڀگر روڊ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن، تنهن ڪري سڀاڻي پهرين ذوالحج هوندي ۽ عيدالضحيٰ سترهن جون تي سومر ڏينهن ملهائي ويندي.- Advertisement -
