- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ وزيراعظم جي ايڊوائز تي قومي اقتصادي ڪائونسل جوڙي ڇڏي، وزيراعظم شهبازشريف ڪائونسل جو چيئرمين هوندو.
صدر، وزيراعظم جي ايڊوائس تي آئين جي آرٽيڪل 165 تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جوڙي ورتي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهبازشريف ڪائونسل جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ احسن اقبال کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب چئني صوبن جا وڏا وزير ميمبر هوندا، پنجاب مان مريم اورنگزيب، سنڌ مان ڄام خان شورو، خيبرپخوتختوا مان مزمل اسلم، بلوچستان مان ظهور بليدي مقرر ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
