- Advertisement -
ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ هڪ ڀيرو وري اضافو شروع ٿي ويو آهي، هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 45 سيڪڙو اضافو ٿيو.
شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران پٽاٽا، ٽماٽآ، کير، ڏهي ۽ چڻن جي دال سميت عام واهپي جي 19 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته اٽي ،آنن، ٿوم، ڳاڙهن مرچن سميت چوڏهن شين جا اگهه گهٽ ٿيا ۽ ارڙهن شين جا اگهه برقرار رهيا.
رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، ڊبل روٽي جي اگهه ۾ 3 رپيا 5 پيسا ۽ آنا 2 رپيا 27 پيسا في درزن سستا ٿيا، چانور، خشڪ کير، کنڊ، مڱن جي دال به سستي ٿي.
شماريات کاتي موجب سالياني بنياد تي 17 هزار 732 رپيا ماهوار آمدني واري طبقي لاءِ مهانگائي 15 ڏهائي 26، 22 هزر 888 رپيا ماهوار آمدني وارن لاءِ مهانگائي جي شرح 18 ڏهائي 83 سيڪڙو، 29 هزار 517 رپيا آمدنيءَ وارن لاءِ 25 سيڪڙو، 44 هزار 175 رپيا آمدنيءَ وارن لاءِ مهانگائي جي شرح 22 ڏهائي 47 سيڪڙو رهي..- Advertisement -
