- Advertisement -
ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر ۾ واڌ ٿي وئي.پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف ضلعن ۾ ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي بند ڪيو ويو.
عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب، زيارت ۾ پارو ڪاٽو 11 ڊگري تائين پهچي ويو ۽ اسڪردو ۾ ڪاٽو 9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو.
عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب اسڪردو ۾ ڪاٽو 9، قلات ۾ ڪاٽو 5 ۽ ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ان کان علاوه اسلام آباد 4، پشاور 6 ، لاهور 10 ۽ ڪراچي ۾ گرمي پد 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شام يا رات جو ڪشمير ۽ لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ موسم جهڙالي ۽ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي موٽر وي پوليس موجب، موٽر وي ايم ون پشاور کان برهان ۽ ايم فور شورڪوٽ کان ملتان تائين بند ڪئي وئي.
موٽر وي پوليس ترجمان موجب، موٽر وي ايم 5 ملتان کان سکر تائين به ڪوهيڙي سبب بند ڪئي وئي آهي- Advertisement -
