- Advertisement -
موري ويجهو هٿياربندن پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جي ڦرلٽ ڪئي، سندس ڦر ڪيل گاڏي باءِ باس وٽان هٿ ڪئي وئي آهي.
رات دير سان هٿياربندن پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي بنگلي کي کاٽ هڻي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي گاڏي سميت لکين رپين جي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
ذوالفقار بهڻ جي گهر مان ڦر ٿيل گاڏي موري باءِ پاس درس ٿاڻي جي حد مان هٿ ڪئي وئي.
شهيد بينظير آباد جي ٽنهي ضلعن مان پوليس جي وڏي نفري موري پهچڻ شروع ٿي وئي.
ذريعن موجب، علائقي ۾ سرچ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نوابشاهه مان آءِ ٽي ٽيم موري پهچي رهي آهي.
ايس ايس پي نوشهري فيروز روحل کوسي جو چوڻ آهي ته هٿ آيل گاڏي جي فانرزڪ ڪئي وئي آهي، ذوالفقار بهڻ جي گهر مان ڌاڙي جي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ چيو ته گهر ڀاتين جي رڳو جان بچي آهي، هٿياربند سڀ ڪجهه کڻي ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته هٿياربندن سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، ريوو گاڏي به ڪاهي ويا.
پ پ ايم اين اي چيو ته سڄي سنڌ ۾ حالتون خراب آهن، ٿي سگهي ٿو ڌاڙي ۾ ڪي وڏا هٿ ملوث هجن.
ذوالفقار بهڻ چيو ته اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڦر ڪئي.- Advertisement -
