- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ڪراچي جي علائقي ڪار ساز وٽ پيءُ ۽ ڌيءَ کي گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ماريندڙ عورت نتاشا جي مڙس جي ستن ڏينهن لاءِ گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪندي دانش اقبال کي 50 هزار رپين جا ضمانتي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي ڪار ساز وٽ پيءُ ۽ ڌيءَ کي گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ماريندڙ عورت نتاشا جي مڙس دانش اقبال جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران وڪيل اپيل ڪئي ته دانش اقبال جي گرفتاري جو خدشو آهي، گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت ڏني وڃي.
وڪيل عامر منسوب چيو ته دانش اقبال جو واقعي سان ڪوبه تعلق ناهي، سندس گهرواري نتاشا جيل ۾ آهي.
عدالت ڪار ساز وٽ پيءُ ۽ ڌيءَ کي گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ماريندڙ عورت نتاشا جي مڙس دانش اقبال جي ستن ڏينهن لاءِ گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار رپين جا ضمانتي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
