تازه ترين

ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل

- Advertisement -
ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته ڀيا برادري پاران لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جهانواهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ذوالفقار خان ڀيو ۾ معرفاڻي ۽ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب فاطمه، نانا خاتون ۽ نويد ڀيو مارجي ويا. اطلاع ملڻ بعد جهانواهه سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وڃي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب هن وقت تائين 10 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. ڀيا برادري پاران قومي شاهراهه تي زيرو پوائنٽ وٽ لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس برادري جي ماڻهن کي سياسي چرچ تي قتل ڪيو ويو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته عبدالرحمان معرفاڻي ڌر جي 25 هٿياربندن لابارو ڪندڙ تي فائرنگ ڪري ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. سندن چوڻ هو ته ٻن عورتن سميت سندن ست ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون