تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل

ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته ڀيا برادري پاران لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جهانواهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ذوالفقار خان ڀيو ۾ معرفاڻي ۽ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪئي.

ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب فاطمه، نانا خاتون ۽ نويد ڀيو مارجي ويا.

اطلاع ملڻ بعد جهانواهه سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وڃي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب هن وقت تائين 10 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

ڀيا برادري پاران قومي شاهراهه تي زيرو پوائنٽ وٽ لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس برادري جي ماڻهن کي سياسي چرچ تي قتل ڪيو ويو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته عبدالرحمان معرفاڻي ڌر جي 25 هٿياربندن لابارو ڪندڙ تي فائرنگ ڪري ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

سندن چوڻ هو ته ٻن عورتن سميت سندن ست ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
26 %
1.9kmh
5 %
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
36 °

تازه ترين خبرون