- Advertisement -
ميان صاحب ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، هٿياربند ڪار ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد شڪارپور جيڪب آباد روڊ تي بکراڻي لاڙي وٽان 13 کان وڌيڪ هٿياربند هٿيارن جي زور تي ٽيڪسي ڊرائيور نعمت پهوڙ، مختيار عرف بادشاهه لاڙي ۽ غلام قدير اڄڻ کان روڪ رقم، موبائل فون ۽ ڪار ڦر ڪري ويا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
