تازه ترين

ميرپورخاص: ريلوي ڪالوني ۾ پراسرار نموني ناري جو لاش ملڻ واقعي ۾ اهم انڪشاف

- Advertisement -
ميرپورخاص جي ريلوي ڪالوني ۾ 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني ناري جو لاش ملڻ واقعي ۾ اهم انڪشاف ٿيا آهن. ناري نيها جون سهيلي کي ڪيل آڊيو ميسيج ظاهر ٿي ويا آهن. آڊيو ميسيج ۾ نيها پنهنجي ڀاءُ ۽ پيءُ پاران کيس قتل ڪرڻ بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ هوءَ سخت خوف ۾ ورتل آشهي. آڊيو ميسيج ۾ ناري پنهنجي سهيليءَ کي نوڪري جي بهاني سان ڪراچي وٺي هلڻ لاءِ منٿون به ڪري ٿي ته جيئن سندس جان بچي وڃي. آڊيو ميسيج ۾ ناري هڪ نوجوان جو به ذڪر ڪري ٿي، واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ گهر مان ناري نيها جو لاش مليو هو، پر وارث واقعي کي آپگهات ڄاڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا لاش گهر کڻائي ويا هئا. 3 ڏينهن اڳ پيش آيل واقعو پراسرار هئڻ باوجود پوليس ناري جي وارثن کان بيان وٺي وڌيڪ ڪا ڪارروائي نه ڪئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
45 %
1.8kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون