- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس بابت سموريون رپورٽون طلب ڪندي ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ذوالفقار مهر موقف اختيار ڪيو ته جاءِ واردات تان سمورا سيمپل وٺي فرانزڪ لاءِ ليبارٽري اماڻيا آهن، ڪوشش ڪندا ته ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪن.
جاچ آفيسر چيو ته بلائينڊ ڪيس آهي، جوابدار نامزد ناهن، شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهو تحويل ۾ ورتا آهن، جاچ جاري آهي، جيڪي به قتل ۾ ملوث جوابدار هوندا، گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪندا.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سموريون رپورٽون طلب ڪندي ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..- Advertisement -
