- Advertisement -
ڪنري ۾ يارهين ڪلاس جي پيپر دوران گرمي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب چار شاگرد بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
گورنمينٽ قاضي سلطان هائير سيڪنڊي اسڪول ۾ 3 شاگرد ۽ فضل عمر اسڪول ۾ هڪ شاگرد گرمي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب بيهوش ٿي ويا.
بيهوش ٿيل شاگردن ۾ راجيش ڀيل، عبدالباسط، شهاب الدين ۽ الاهي شامل آهن.
اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته انتظاميا پاران فراهم ڪيل ايمبولينس گم ۽ سول اسپتال مان آيل ايمبولينس ۾ ڪابه سهولت موجود ناهي.
اسڪول انتظاميا موجب، بيهوش ٿيل شاگردن کي اسڪول انتظاميا ۽ ساٿي شاگردن 1122 ايمبولينس گهرائي اسپتال پهچايو.- Advertisement -
