- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي ڀرسان هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.
3 ڏينهن اڳ ميرپور ماٿيلي ڀرسان قاتلاڻي حملي ۾ نصر الله گڏاڻي سخت زخمي ٿي پيو هو.
زخمي صحافي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن بعد ايئرايمبولنس ذريعي ڪراچي جي خانگي اسپتال آندو ويو هو.
نصرالله گڏاڻي علاج دوران ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارث صحافي نصر الله گڏاڻي جو مڙهه ايمبولنس ذريعي ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا.
صحافي نصرالله گڏاڻي جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي سوڳ ۾ ميرپور ماٿيلو شهر بند ٿي ويو.- Advertisement -
