سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاج، ڌرڻا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف سول سوسائٽي، صحافين ۽ ٻين مختلف تنظيمن پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. خانپور مهر ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف سائل قاضي، دودو مهر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڏهرڪي ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف حيدر خان شر، مير حسن شر، ڪمال مهر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. اوٻاوڙي ۾ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف اڪبر دشتي، محمد بخش گهڃو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. سانگهڙ ۾ گڏاڻي برادري پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف ممتاز علي گڏاڻي، رسول بخش ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. عمرڪوٽ ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف غلام محمد ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ۾ ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر شوڪت نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولنس تي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هڱورجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور جي سڏ تي ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف غلام حسين چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. قاضي احمد ۾ صحافين پاران صحافي نصر الله گڏاڻي جو مڙهه قومي شاهراهه تان گذرڻ دوران مٿس گلن جي ورڪا ڪري سرخ سلام پيش ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڊياري ۾ صحافين سميت مختلف ڌرين پاران صحافي نصر الله گڏاڻي جو مڙهه قومي شاهراهه تان گذرڻ دوران مٿس گلن جي ورڪا ڪري سرخ سلام پيش ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. موري ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف محمد امين چوهاڻ، اختر علي لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻٻرلوءِ ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف اعظم مستوئي، جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر شوڪت نوناري، حيدر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺري ميرواهه ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ٺڪراٺي ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف ممتاز مهر، علي نواز، علي گوهر مهر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سورهيه بادشاهه چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. اڏيرو لال ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف عبدالغفور هڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان شهيد الله بخش چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. وارهه ۾ جي ڊبليو سي جي سڏ تي ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف ساحل سڪندر، اصغر ميراثي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نصير آباد ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف جبار آزاد منگي، بشير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ آرٿر پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. لعلو رائنڪ ۾ صحافين سميت مختلف ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف محرم چانڊيو، مجيب الرحمان ٽوٽاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڍورو نارو ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. چيلهار ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف شنڪر باغي، ساجد نهڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سڪرنڊ ۾ ايس يو پي پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته صحافي نصر الله گڏاڻي تي حملي ۾ ملوث جوابدارن ۽ مددگارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏياري وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
15%
3.1m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون