ميھڙ ويجھو هٿياربندن گوليون ھڻي ھڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو .
ٻيٽو روڊ تي اڻڄاتل هٿياربند گوليون ھڻي سرور چانڊيو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول جي وارثن جو چوڻ ھو تھ مگسي برادري سان پراڻي دشمني ھلندڙ ھئي، شڪ آھي ته مگسي برادري جي ھٿياربندن گوليون ھڻي سرور چانڊيو کي قتل ڪيو آھي.
ٻڌايو پيو وڃي تھ شهداد ڪوٽ ضلع جي جاگير واري علائقي ۾ مگسي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي.
آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو
