- Advertisement -
مٺياڻي ۾ احتجاج ڪرڻ تي پوليس ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي شهمير ڀرٽ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.
وارثن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻي شمير ڀرٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سندن چوڻ هو ته ايس ايڇ او ڪوٽ مٺا روزاني جي بنياد تي انتقامي ڪارروايون ڪري هتان جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ايس ايڇ او خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.- Advertisement -
