وڳوڙين آزاد ڪشمير ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ انساني جانيون ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڳالهين نه پر عمل جو وقت اچي ويو آهي، قرضن مان ڇوٽڪاري لاءِ رت ۽ پگهر وهائڻو پوندو،  وڳوڙين آزاد ڪشمير ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ انساني جانيون ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آزاد ڪشمير لاءِ 23 ارب رپين جو پئڪيج منظور ڪيو آهي،  والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي، دنيا جي هر فورم تي ڪشميري عوام لاءِ آواز اٿاريو ويندو. آزاد ڪشمير ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اڄ هو آزاد ڪشمير حاضر آهي، ڳڻتي جوڳا ڏينهن هئا جڏهن هتي هڪ تحريڪ هلي رهي هئي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، سموري ڪابينا ۽ اتحادي پارٽين جو ٿورائتو آهي، سڀني اتحادين ڏکي وقت ۾ بهترين مشورا ڏنا، ڪوشش ڪئي معاملو جيترو جلدي ٿي سگهي حل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ماڻهو جمهوري انداز ۾  پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا هئا، ڪجهه وڳوڙي عنصر اهڙا هئا جن جو هڪ ئي مقصد هو، آزاد ڪشمير ۾ ڀڃڊاهه ۽ انساني جانيون ضايع ٿين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ٻڌائڻ آيو آهي ته هو آزاد ڪشمير جي عوام جي آواز سام آواز ملائيندا آهن، هتي تحريڪ دوران بدقسمتي سان هڪ پوليس اهلڪار الله کي پيارو ٿي ويو، والاريل ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستاني حڪومت شهيدن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، اهو انهن تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته هنن 23 ارب رپين جو مالي پيڪيج منظور ڪيو آهي، آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان سندس رابطو هو، يقين ڏياريو ته هي پيڪيج ڪاغذن تائين محدود نه رهندو، پيڪيج تي عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي 16 تاريخ تي هدايت ڪئي ته 23 ارب رپيا آزاد ڪشمير کي پهچايا وڃن، اڄ 23 ارب رپيا آزاد ڪشمير جي اڪائونٽ ۾ اچي ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ جاندار قوم رهندي آهي، حقن لاءِ آواز اٿاريندي آهي، پاڪستان جو 25 ڪروڙ عوام ڪشميرين جي قربانين جو قدر ڪري ٿو. شهباز شريف چيو ته پاڪستاني دنيا جي هر فورم تي ڪشمير جي عوام لاءِ آواز اٿاريندا آهن، قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي ساهه واري رڳ چيو هو، والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه ماڻهن جو رت وهي رهيو آهي، والاريل وادي بيگناهه ماڻهن جي رت سان ڳاڙهي ٿي وئي. وزيراعظم چيو ته اليڪشن ۾ حڪمران پارٽي پنهنجي نالي تي اتي چونڊ نه ٿي وڙهي سگهي، جتي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيندو آهي، اتي اهو ئي جواب ملندو آهي، هنن هميشه ڪشميرين جي اخلاقي حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهندا، ڪشميرين کي سندن حق ملڻ تائين حمايت ڪندا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
29%
1.9m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون