- Advertisement -
مٺي ۾ هندو برادري پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
پير ڀٿوري تي ويندڙ پانڌيئڙن پاران پشوتم ڪمار ڀيل، نندلال راٺوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير چوڪ تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ اقليتي برادري رهي ٿي، جنهن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
مظاهيرن چيو ته اڍائي سال گذرڻ باوجود پوليس نينگري پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
