تازه ترين

ڪي فور رٿا ۾ هاڻي وڌيڪ ڪنهن قسم جي دير جي گنجائش ناهي: مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڪي فور رٿا فوري طور مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪي فور رٿا ۾ هاڻي وڌيڪ ڪنهن قسم جي دير جي گنجائش ناهي، پاڻي جي فراهمي جو اسٽرڪچر مڪمل طور مضبوط هئڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي فور رٿا بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب سميت ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور پراجيڪٽ تمام گهڻي دير جو شڪار ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ ڪنهن قسم جي دير جي گنجائش ناهي. وڏي وزير مراد علي شاهه کي پي اينڊ ڊي چيئرمين، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ پي ڊي واپدا بريفنگ ڏني. وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته ڪي فور مين اسٽريم ورڪس 126 بلين رپين جو پراجيڪٽ آهي جيڪي وفاقي حڪومت ادا ڪندي، ڪي فور اوگمنٽيشن 74 بلين رپين جو آهي جنهن ۾ 80 سيڪڙو ڊونر ادارا ۽ 20 سيڪڙو سنڌ حڪومت ڏيندي. بريفنگ ڏني وئي ته ڪي بي فيڊر جي لائننگ 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ۽ 50 سيڪڙو سنڌ سرڪار ادا ڪندي، ڪي فور مين اسٽريم تحت 52 ڏهائي 62 بلين رپين جي ابتڙ 40 ڏهائي 36 بلين رپيا جاري ٿي چڪا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو وفاقي حڪومت کي چوندو ته پي ايس ڊي پي مان فنڊز جاري ڪري. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اوگمنٽيشن ڪي پي سي ون پلاننگ ڪميشن ۾ غور هيٺ آهي ۽ اين او سيز جاري ٿي چڪي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو وفاقي حڪومت سان اوگمنٽيشن ڪي پي سي ون جي منظوري جلد ڪرائڻ بابت ڳالهائيندو. وڏي وزير واپڊا کي ڪم مڪمل ڪرڻ جي ٽائم لائن ٺاهي ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڻي جي فراهمي جو اسٽرڪچر مڪمل طور مضبوط هئڻ گهرجي، پي ڊي ڪي فور کي 40 بلين رپيا گهرجن جنهن سان سيپٽمبر 2025ع ۾ سول اليڪٽرڪل ۽ مڪينڪل ڪم ٿي وڃي، هو وزيراعظم سان ڳالهائيندو ته ڪي پي ڊي ڪي فور جا فنڊر ڏياريا وڃن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون