نئين ديري ڀرسان پوليس پڪٽ تي هٿياربندن جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، هٿياربند سرڪاري هٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
نئون ديرو ٿاڻي جي حد سالار ڀٽو چودڳي پوليس پڪٽ تي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي.
هٿياربند ٻن پوليس اهلڪار اياز علي پتافي ۽ ثناءُ الله چنو کي زخمي ڪري سرڪاري هٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
زخمي اهلڪارن کي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي.
اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل خان کوسو پوليس نفري ساڻ ڪري پوليس پڪٽ تي پھچي واقعي جا تفصيل حاصل ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جو سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب موٽرسائيڪلن تي سوار 6 هٿياربندن پوليس پڪٽ تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪري کانئن ھٿيار کسي فرار ٿي ويا.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6
°
C
19.6
°
19.6
°
13%
2.5m/s
0%
خميس
18
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


