- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کين اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جي نصيحت ڪئي، اِهي ئي اصول آهن جيڪي کين سماجي ۽ معاشي مسئلن مان ڪڍي سگهن ٿا.
ميلاد النبي صه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلام جي آخري پيغمبر نبي ڪريم صلعم جو هر عمل ۽ فرمان ان ڳالهه جو مظهر آهي ته انسانيت کي ڪهڙي طرح محبت، ڀائيچاري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم رهي ترقي جي رستي تي هلي سگهجي ٿو.
هن چيو ته مسلمان امت ۽ پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجز جو حل نبي ڪريم صلعم جي تعليم ۾ آهي، اختلافن کي وساري ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم چيو ته سندن ذميواري آهي ته اهي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ٻين جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش واري عمل کي اپنائين.
وزيراعظم چيو ته سندن فرض آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حق ۾ هر فورم تي آواز اٿاريون ۽ عالمي برادري کي ان جي حمايت لاءِ قائل ڪريون.- Advertisement -
