ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن جنهن سبب شهرين کي تڪليف ٿي رهي آهي:شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن جنهن سبب شهرين کي تڪليف ٿي رهي آهي. هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي چئلينجز آهن، شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته برساتون ختم ٿيندي ئي روڊڻ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن، جنهن سبب عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي. هن چيو ته جتي روڊ خراب آهن، حڪومت انهن جي مرمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته شهر ۾ بس سروس به فعال آهي ۽ ريڊ لائن تي به ڪم جاري آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اسان وفاقي حڪومت ۾ شامل نه آهيون، ڪراچي کي وفاق طرفان جيڪو حصو ملڻ گهرجي ها اهو نه مليو. شرجيل انعام ميمڻ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته يونس خان تمام سٺو ڪرڪيٽر آهي پر ان سان هو متفق ناهي. واضح رهي ته اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر يونس خان ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي شهر جي انفراسٽرڪچر ۽ روڊن جي خراب حالت بابت چيو هو ته لڳي ٿو ته هو موهن جو دڙو جو رهواسي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50%
4.3m/s
12%
خميس
24 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون