ننگرپارڪر پوليس پاران ٻه هرڻ پڪڙي کڻي ويندڙ شڪاري سوگها, هرڻ ۽ گاڏي تحويل ۾ وٺڻ جو انڪشاف

spot_img
ننگرپارڪر پوليس پاران ٻه ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪري کڻي ويندڙ ٻن شڪارين کي گرفتار ڪري هرڻ ۽ گاڏي تحويل ۾ وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رابطو ڪرڻ تي وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزويٽر مير اعجاز ٽالپر سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو آهي، وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم رواني ٿي وئي آهي. ڳوٺاڻن سردار سنگهه ورڻ، رڻجيت سروپ سنگهه ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٻه ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪري کڻي ويندڙ ٻن شڪارين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته گاڏي ٿاڻي تي موجود آهن پر هرڻ ۽ شڪاري ظاهر ناهن ڪيا ويا. ڳوٺاڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته پوليس هرڻ آزاد ڪري جهنگ ۾ نه ڇڏيا ۽ شڪارين جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي ته احتجاجي مظاهرو ڪيو ته هو ٿر جي سونهن ناياب هرڻ شڪارين حوالي ٿيڻ نه ڏيندا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪابه گرفتاري ناهي ڪئي نه ئي هرڻ هٿ ڪيا آهن

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون