نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻي طرفان گهرڀاتين سميت برادري جي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
قنچي پل واسي سونو پنهنجي گهرواري ۽ نياڻي سميت پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته پنهنجي ئي برداري جا گوچي، مگيو، نارو ۽ پريمو کيس بناجواز تنگ ڪن ٿا.
هنن چيو ته سندن برادري جا بااثر چون ٿا ته اوھان ڳوٺ مان لڏي وڃو، بااثرن سان ڪبوترن جي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو ھو ان کانپوءِ ھو جان جا دشمن بڻجي ويا آھن.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
