تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ ميرپور خاص ڊويزنز جي ننڍن وڏن شهرن ۾ روايتي جلوس ۽ تعزيه برآمد ڪيا پيا وڃن.

ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نشترپارڪ مان برآمد ڪيو ويندو.

ماتمي جلوس وارن رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي.

جلوس روايتي رستن کان ٿيندي حسينيه ايرانيا کارادر تي نهر ٿيندو.

ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس جزوي طور معطل ڪئي وئي آهي.

حيدرآباد ۾ امام حسين عليهه السلام ۽ سندس جانثارن جي چاليهي جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس قدم گاهه مولا علي عليهه السلام تان برآمد ڪيو ويو.

مرڪزي جلوس مقرر ٿيل رستن کان ٿيندو ڪربلا دادن شاهه تي نهر ٿيندو.

سکر ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي قريشي ڳوٺ کان عربعين جا قافلا روهڙي طرف سفر ڪري رهيا آهن.

عربعين سفر جي رستن تي ميڊيڪل ڪيمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن.

قافلن ۽ ماتمي جلسون جي سيڪيورٽي لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

لاڙڪاڻي ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهون وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.

شهر جي مختلف امام بارگاهن تان ماتمي جلوس برآمد ڪري هر طرف ياحسين ياحسين جو صدائون بلند ڪيون ويون آهن.

دادو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي مرڪزي امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو.

ضلعي جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس جزوي طور معطل ڪئي وئي آهي.

سانگهڙ ۾ حضرت امام حسين عليهه السلام جي چاليهي جي موقعي تي مرڪزي امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪري عزادارن پاران سينا زني ڪئي وئي.

عمر ڪوٽ ۾ حضرت امام حسين عليهه السلام جي چاليهي جي موقعي تي ڪهيري امام بارگاهه، درگاهه نبن سرڪار، حيدري امام بارگاهه، انب جو موڙ امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪري هرطرف ياحسين جون صدائون بلند ڪيون ويون.

نيون سعيد آباد ۾ به ڪربلا جي شهيدن چاليهي جي موقعي تي مرڪزي امام بارگاهه حسيني مان شيعا اڳواڻ رئيس احمد علي جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو.

ڀٽ شاهه ۾ امام حسين عليهه السلام جي چاليهي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڀٽ شاهه موري کان برآمد ڪيو ويو.

دودا پور ۾ امام حسين عليهه السلام ۽ سندس جانثارن جي چاليهي جي موقعي تي امام بارگاهه دربتول مان سيد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ جلوس برآمد ڪري  هر طرف ياحسين ياحسين جو صدائون بلند ڪيون ويون آهن.

ڪرمپور ۾ امام حسين عليهه السلام جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سخي دولت شاهه بخاري امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو.

سوڀي ديري ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي ماتمي جلوس برآمد ڪري عزادارن پاران سينا زني ڪئي پئي وڃي.

دريا خان مري ۾ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي سلسلي ۾ وٺ مراد کوکر جي امام بارگاهه مان برآمد ڪيو ويو .

چمبڙ ۾ حضرت امام حسين عليهه السلام جي چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ڪري عزادارن پاران زنجير زني ڪئي وئي.

شاهپور جهانيا ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي مرڪزي امام بارگاهه مان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو آهي.

نئون ڪوٽ ۾ به حضرت امام حسين عليهه السلام ۽ سندس جانثارن جي چاليهي تي مرڪزي جلوس الحسيني امام بارگاهه تان برآمد ڪري ڪيوويو، جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو، منزل تي پهچي نهر ٿيندو.

سرهاڙي ۾ امام حسين عليهه السلام ۽ سندس ساٿين جي چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ڪري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
19 %
0.3kmh
80 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون