- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ11 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران ملڪ جي معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال بابت غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، پرامن عام چونڊون ڪرائڻ بابت انتظامن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته احتساب عدالتن جي اختيارن بابت معاملو به غور هيٺ ايندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب عدالتن جي اختيارن بابت معاملو به غور هيٺ ايندو جڏهن ته پي آءِ اي جي مختلف شعبن ۾ تقسيم بابت سفارشن تي پڻ غور ٿيندو.
ذريعن موجب، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ کي خانگائڻ سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.- Advertisement -
