- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي، سياسي دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اختلاف سياستدانن سان ڪيا وڃن، شهيدن سان ڪهڙي دشمني آهي، مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، عوام کي به فائدو ملندو.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته هو سياسي ڳالهين تي يقين رکن ٿا، سياسي دهشتگردي نٿي هلي سگهي.
سندس چوڻ هو ته سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملو ڪيو ويو، 9 مئي سانحو معاف ڪرڻ جوڳو ناهي، ماسٽر مائنڊ کي به سزا ٿيندي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته 9مئي تي شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو ويو، پرڏيهه مان ملڪ خلاف ٽرينڊ هلايا پيا وڃن.
هن چيو ته هو ڏڦيڙ ۽ ورهاست جي سياست تي يقين نٿا رکن، سياسي پارٽيون بعد ۾ پاڪستان پهريان آهي، اختلاف سياستدانن سان ڪريو، شهيدن سان دشمني ڇو ٿا ڪريو؟.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف باني جي دور ۾ مهانگائي عروج تي هئي، نواز شريف جي پارٽي ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ڪئي، مسلم ليگ دور ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج بلند ترين سطح تي آهي………- Advertisement -
