- Advertisement -
پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 36 رنسن تان شڪست ڏئي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي.
سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 308 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي تيم 271 رنسون ٺاهي 42هين اوور ۾ آل آئوٽ ٿي وئي.
جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ برسات سبب ٽاس دير جو شڪار ٿي، برسات رڪجڻ کانپوءِ ٽاس ٿي ته ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽاس کٽي مهمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ميچ شروع ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر مينهن پوڻ سبب ميچ روڪڻي پئي ۽ 3 اوورز گهٽايا ويا.
قوم ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي صائم ايوب جي 13 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان محمد رضوان 53 ۽ بابر اعظم 52 اسڪور ڪيو، ميزبان ٽيم طرفان رابادا 3، مارڪوينسن ۽ فوٽيون ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان پاڪستان جي 308 رنسون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هينرڪ ڪلاسن 81 رنسون ٺاهيون، ريسي وينڊرڊيسن 35، ٽوني ڊي زورزي ۽ مارڪوينسن 26-26 اسڪور ڪيو.
پاڪستان سفيان مقيم 4، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه 2-2 وڪيٽون، جڏهن ته صائم ايوب ۽ محمد حسنين هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
صائم ايوب کي مين آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو- Advertisement -
