- Advertisement -
تحريڪ انصاف اڳواڻن چيو آهي ته نيب ترميمن جي بحالي بابت عدالتي فيصلي کانپوءِ توشا خانا ٽو ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس ختم ٿي چڪا آهن، نئين قانون ۾ لکيل آهي ته وفاقي ڪابينا جي فيصلي کي ڇوٽ آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو اين آر او ٽو آهي، هو ڪيس عوام ۾ کڻي ويندا، حڪومت ۾ عوام جا حقيقي نمائندا نه پر فارم 47 وارا ماڻهو شامل آهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف باني کان پڇا ڪئي وئي ته هن چيو ته سندس نقصان ٿئي ٿو ته ٿيڻ ڏيو، ملڪ جو فائدو ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته نيب ترميمن جي بحالي بابت عدالتي فيصلي کانپوءِ توشا خانا ٽو ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس ختم ٿي چڪا آهن، نئين قانون ۾ لکيل آهي ته وفاقي ڪابينا جي فيصلي کي ڇوٽ آهي.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد هاڻي قانون بلڪل واضح ٿي ويو آهي، ڪابينا فيصلي جو ڪيس نيب ۾ نٿو هلي سگهي.
سپريم ڪورٽ جي نيب ترميمن جي بحالي بابت فيصلي تي رد عمل ڏيندي تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيئر شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اين آر او ٽو آهي، هو ڪيس عوام ۾ کڻي ويندا.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ۾ عوام جا حقيقي نمائندا نه پر فارم 47 وارا ماڻهو شامل آهن، هي عوام جي حقيقي نمائندا ناهن، هي اهڙا قانون ٺاهيندا جنهن سان چورن ۽ آئين ٽوڙيندڙن کي تحفظ ملي، هي جعلي پارليامينٽ ٺاهيندا، هي ماڻهو عوام جي حق ۾ ڇا قانون سازي ڪندا.
تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيئر شبلي فراز چيو ته اليڪشن ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي تحريڪ انصاف کي ڀت سان لڳايو ويو، پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسيو ويو، ماڻهن پوءِ به تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنا، سڀني ڏٺو اليڪشن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا.- Advertisement -
