نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ بلوچستان ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف جامع فوجي آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي

spot_img
نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ بلوچستان ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف جامع فوجي آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، سياسي ۽ فوجي قيادت هر قسم جي انتهاپسندي کي سختيءَ سان چـِــٿڻ، اندروني سلامتي هر حال ۾ يقيني بڻائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا هٿ مضبوط ڪرڻ ۽ ڊجيٽل دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته احتجاج جي آڙ ۾ ڪنهن کي به ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير، هٿياربند فوجن جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ علائقائي ملڪن سان فعال سفارتڪاري تي زور ڀريو ويو. ايپڪس ڪميٽيءَ دهشتگردي جي لعنت خلاف اتحاد تي زور ڀريندي هر قسم جي انتهاپسنديءَ کي سختيءَ سان چٿڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سياسي ۽ فوجي قيادت جو چوڻ هو ته دهشتگرديءَ کان ڇوٽڪاريءَ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ڊجيٽل دهشتگردن کي به سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي راءِ ڏني وئي، فورم جو چوڻ ه وته جعلي خبرن ۽ غلط ڄاڻ جي پکيڙ جو تدارڪ ڪرڻو پوندو. سياسي ۽ فوجي قيادت جو چوڻ هو ته  احتجاج جي آڙ ۾ ڪنهن کي به ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اندروني  سلامتي کي هر حال ۾ يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايپڪس ڪميٽيءَ بلوچستان دهشتگردن خلاف جامع فوجي آپريشن جي منظوري ڏني، مجيد برگيڊ، بي ايل اي، بي ايل ايف ۽ بي آر ايَ ايس خلاف آپريشن ڪيو ويندو، انهن تنظيم جي الزام آهي ته اهي معصوم شهرين ۽ پرڏيهي کي نشانو بڻائي پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ کي نقصان پهچائن ٿيون.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون