- Advertisement -
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
ٽريڊنگ دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار 148 پوائنٽس جو اضافو ٿيو.
هنڊريڊ انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح هڪ لک 18 هزار 735 پوائنٽس تي پهچي وئي.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 22 پيسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 278 رپيا 36 پيسا ٿي ويو………- Advertisement -
