تازه ترين

نينگري پريا ڪماريءَ ۽ ميرپورخاص واسڻ فوزيه خاصخيلي جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني خلاف، سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماريءَ ۽ ميرپورخاص واسڻ فوزيه خاصخيلي جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ڪنري ۾ جسقم پاران سنگرار واسڻ پريا ڪماري ۽ ميرپورخاص واسڻ فوزيا خاصخيلي جي بازيابيءَ لاءِ محمد رمضان خاصخيلي، احمد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ کان الله واري چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. تنگواڻيءَ ۾ عوامي تحريڪ پاران بدامني خلاف، پريا ڪماري جي بازيابي، استاد الهرکيو نندواڻي ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ڏوڪري ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران بدامني خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ علي پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي جنهن سبب چوري، ڦر، اغوا، قتل ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي امن امان قائم ڪرائي پريا سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون