- Advertisement -
نيوسعيدآباد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، هٿياربند مهراڻ هاءِ وي تي سرڪاري ملازم کي مارڪٽ ڪرڻ بعد ڦر ڪري ويا.
بکر جمالي ڀرسان ڄام واھ اسٽاپ وٽ مهراڻ هاءِ وي تي ھٿياربندن زراعت کاتي جي ملازم محمد الدين جمالي کي روڪي ھٿيارن جا بٽ ھڻي رتورت ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
هٿياربند ڳوٺ ڌڳاڻو جمالي جي رهواسي ملازم کان موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
تشدد سبب زخمي ٿيل ملازم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي نيوسعيدآباد ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي….- Advertisement -
