- Advertisement -
ڪنري ۾ پوليس 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب ميمڻ ڪنري ويجهو ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي جوابدار صديق نوحاڻي ۽ علي نواز نوھاڻي کي گرفتار ڪيو ويو، سندن قبضي مان 140 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب بلوچ پاڙي ۾ ڇاپو هڻي منشيات فروش عدنان مڪراڻي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي قبضي مان 180 گرام چرس هٿ ڪيو آهي.
پوليس ٽين ڪارروائي دوران بلوچ پاڙي مان منشيات فروش محبوب بلوچ ۽ ماجد بلوچ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 300 گرام چرس 100 گرام هيروئن ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب ٽنهي ڪاررواين دوران گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن….- Advertisement -
