- Advertisement -
آمريڪي شهر نيو اورلينز ۾ گاڏي چاڙهي 15 ڄڻن کي چيڀاٽي ماريندڙ شخص جي اڳوڻي آمريڪي فوجي شمس الدين جبار طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي، ايف بي آءِ جو چوڻ آهي ته شمس الدين جبار آمريڪا ۾ پيدا ٿيو ۽ فوج ۾ نوڪري پڻ ڪري چڪو آهي، سندس گاڏي مان داعش جو جهنڊو به هٿ ڪيو ويو آهي.
اربع ڏينهن آمريڪي شهر اورلينز ۾ نئين سال تي ڪار سوار هجوم تي گاڏي چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 30 زخمي ٿي پيا هئا.
آمريڪي ميڊيا موجب، اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي ته ڪار سوار گاڏي هجوم تي چاڙهڻ بعد هيٺ لهي فائرنگ به ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڪار سوار مارجي ويو هو.
ايف بي آءِ گاڏي چاڙهي 15 ڄڻن کي چيڀاٽي ماريندڙ شخص جي اڳوڻي آمريڪي فوجي شمس الدين جبار طور سڃاڻپ ڪئي، جنهن جي عمر 42 سال هئي.
ايف بي آءِ جو چوڻ آهي ته شمس الدين جبار آمريڪا ۾ پيدا ٿيو ۽ فوج ۾ نوڪري پڻ ڪري چڪو آهي، سندس گاڏي مان داعش جو جهنڊو به هٿ ڪيو ويو آهي.
ايف بي آءِ واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو ته جوابدار ٽيڪساس ۾ وڏو ٿيو هو، اتر ڪيرولائنا ۾ به رهندو هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
