- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ۽ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، وياج جي شرح 23 سيڪڙو مان 13 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جون ڳالهيون غلط آهن، پرڏيهي سطح تي اڪيلائپ ختم ٿي وئي ۽ حڪومت متحرڪ آهي، پاڪستان پرڏيهي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ممتاز زهره بلوچ کي فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ هوءَ فرانس ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي، ايندڙ هفتي کان نئون پرڏيهي ترجمان بريفنگ ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته 2024ع سندن لاءِ اهم سال هو، اليڪشن بعد مسلم ليگ نون کي عوام مينڊيٽ ڏنو، شهباز شريف وزيراعظم چونڊيو، ڪيترائي چئلينج هئا، چيو ويندو هو ته پاڪستان سفارتي اڪيلائي جو شڪار آهي، سندن دور ۾ سمورن شعبن ۾ ڪم شروع ٿيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم اڙان پاڪستان روڊ ميپ قوم اڳيان رکيو آهي، ملڪ جو جون ۾ پنجن سالن جو پلان ٿيندو آهي، شهباز شريف 31 ڊسمبر 2024ع تي معاشي روڊ ميپ قوم اڳيان پيش ڪيو.
هن چيو ته پاليسي ريٽ 22 کان 13 سيڪڙو تي پهتو، مهانگائي پنج سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته جي ڊي پي ۾ هاڪاري انگ اکر سامهون آيا آهن، قوم سان جيڪي واعدا ڪيا هئا ان تي به حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جون ڳالهيون غلط آهن، پرڏيهي سطح تي اڪيلائپ ختم ٿي وئي ۽ حڪومت متحرڪ آهي، پاڪستان پرڏيهي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن……..- Advertisement -
