نگران سرڪار ۾ پاڻي جي معاملي تي مقبول باقر، ايشور لال ۽ يونس ڍاگا وڌيڪ اثرائتو آواز اٿاريو

- Advertisement -
چولستان ڪينال جي منظوري خلاف سنڌ جو وڏو وزير خاموش، وفاق آڏو آواز اٿارڻ کان لنوائڻ لڳو. نگران سرڪار ۾ پاڻي جي معاملي تي مقبول باقر، ايشور لال ۽ يونس ڍاگا وڌيڪ اثرائتو آواز اٿاريو هو. سي ڊي ڊبليو پي مان تڪراري ڪينال جي منظوري کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرڪزي سرڪار سان ڪو به رابطو نه ڪيو. ذريعن موجب، سنڌ جي وڏي وزير کي ڪابينا جي ڪجهه وزيرن مشورو ڏنو ته هو خط لکي معاملي کي وفاقي سرڪار آڏو کڻي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي خط جو مسودو تيار ٿيو ۽ قانون واري وزارت سان مشورو به ٿيو پر ڳالھه اڳيان نه وڌي سگهي. ذريعن موجب، سنڌ جي آبپاشي واري کاتي تڪراري چولستان ڪينال تي ايڪنڪ ۾ به سخت موقف رکڻ جو پڪو ارادو ڪري ورتو. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري هن معاملي تي پنهنجو موقف هڪ بيان ذريعي ڏئي چڪو آهي، وڏي وزير هينئر تائين ڪو به بيان جاري نه ڪيو. ذريعن موجب، تڪراري چولستان ڪينال لاءِ ارسا مان سرٽيفڪيٽ وٺڻ مهل ان کي فلڊ ڪينال ۽ سي ڊي ڊبليو پي مان منظوري مهل پي سي ون ۾ سڄو سال وهندڙ ڪينال ڄاڻايو ويو. سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ڪينال جي ورڪنگ پيپر سميت نگران دور ۾ وفاق سان ڪيل خط و ڪتابت جا اهم دستاويز هٿ ڪري ورتا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
36%
5.1m/s
2%
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون