وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفد سان گڏ ملاقات

- Advertisement -
آئيني ترميم تي اتفاق راءِ جون ڪوششون تيز، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڌار ڌار ملاقات ڪري آئيني ترميم جي قطعي مسودي بابت ڳالهيون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، ملاقات دوران آئيني ترميم جي قطعي مسودي بابت ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته رات دير تائين ٿيل سياسي ملاقاتن دوران مسودي ۾ تبديلن بابت به غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم ملاقات ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به شريڪ هو، ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال بابت به خيالن جي ڏي وٺ ۽ صلاح مشورو ڪيو ويو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، شيري رحمان، سيد نويد قمر ۽ مرتضيٰ وهاب به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفد سان گڏ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچي ويو. بي اين پي سربراهه اختر مينگل پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو آڌرڀاءُ ڪيو، اختر مينگل اڄ صبح ئي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو هو. پ پ چيئرمين سان شيري رحمان، سيد نويد قمر ۽ مرتضيٰ وهاب به گڏ هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
35%
4.1m/s
16%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون