- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته زميني حقيقون اڄڪلهه ڪنهن کان لڪائي نٿيون سگهجن، ن ليگ جو زوال تڏهن شروع ٿيو جڏهن نواز شريف واپس ڏيهه آيو، ماڻهو ن ليگ کي پسند ناهن ڪندا، مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ باني سبب اڳ ئي عوام کي گهڻيون پريشانيون ٿيون، ن ليگ جي پاليسين سبب به عوام کي پريشانيون ٿيون، هر وقت ماڻهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عوام سمجهدار آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جلسا ڪيا، نواز شريف هڪ به جلسو نه ڪيو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسلم ليگ نون ۾ ماڻهو بلڪل به ڀروسو نه ڪري رهيا آهن، ن ليگ جي عوام ۾ مقبوليت هن وقت تمام گهٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته زميني حقيقون اڄڪلهه ڪنهن کان لڪائي نٿيون سگهجن، ن ليگ جو زوال تڏهن شروع ٿيو جڏهن نواز شريف واپس ڏيهه آيو.
پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماڻهو ن ليگ کي پسند ناهن ڪندا، مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سبب اڳ ئي عوام کي گهڻيون پريشانيون ٿيون، ن ليگ جي پاليسين سبب به عوام کي پريشانيون ٿيون، هر وقت ماڻهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عوام سمجهدار آهي.
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسا ڪيا، نواز شريف هڪ به جلسو نه ڪيو.- Advertisement -
