ن  ليگ  هر پاڪستاني کي منشور سازيءَ جي عمل ۾ شامل ڪيو آهي : مريم اورنگزيب

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته ن  ليگ  هر پاڪستاني کي منشور سازيءَ جي عمل ۾ شامل ڪيو آهي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته پهريون ڀيرو ن ليگ منشور جي تياري لاءِ وسيع صلاح مشورا شروع ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته ن ليگ  هڪ جماعت جو نه پر پوري پاڪستان جو منشور ٺاهي رهي آهي. مسلم ليگ نون جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو ته هر پاڪستاني کي دعوت آهي ته هو تجويزن سان پاڪستان جي مدد ڪري، هر شعبي جا ماهر پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته 5 جنوري تائين هر پاڪستاني تجويز ڏئي سگهي ٿو، ن ليگ تجويزون ڏيڻ لاءِ ڊجيٽل پورٽل لائونچ ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ نون جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو ته آئين جي بالادستي، معيشيت ۽ زراعت جي بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون وڃن، موسمياتي تبديلي کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجي راءِ ڏني وڃي، وفاق، صوبائي ڀائيچاري لاءِ تجويزن کي ڀليڪار ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
50%
1.9m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون