سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو پنجين ڏينهن به جاري آهي

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو پنجين ڏينهن به جاري آهي. چمبڙ ۾ پ پ اميدوار ذوالقرنين کوکر، اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ غلام قادر مري جي ڏوهٽي جا پي ايس 59 تي نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته رٽرننگ آفيسر سڀاڻي تائين نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندا. اليڪشن ڪميشن موجب، 3 جنوري تائين ڪاغذن جي منظوري ۽ رد ٿيڻ بابت اپيل داخل ڪري سگهجي ٿي. اليڪشن ڪميشن چيو ته 10 جنوري تائين اپليٽ ٽربيونل ۾ درخواستن تي فيصلا ٻڌايا ويندا ۽ 11 جنوري تي اميدوارن جي نظرثاني لسٽ جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب، 12 جنوري تي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري ڏينهن هوندو، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊن نشان الاٽ ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
50%
1.9m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون