- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ن ليگ ڀرپور طريقي سان اليڪشن وڙهندي، پاڪستان ترقي جي ڊوڙ ۾ تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي، نواز شريف جڏهن ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته ڪراچي جو امن تباهه ٿي چڪو هو، نواز شريف فورسز ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي بدامني کي هميشه لاءِ ختم ڪيو.
ڪراچي ۾ مسلم نون جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف کان ڌانڌلي سان اقتدار کسيو ويو، ن ليگ قائد کان حڪومت نه کسجي ها ته ڪراچي حيدرآباد موٽروي مڪمل ٿي وڃي ها.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف هميشه ڪراچي تي خاص ڌيان ڏنو آهي، وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ڪراچي شهر پاڻي جي کوٽ جهڙي مسئلي جو شڪار آهي، ڪراچيءَ ۾ ٽينڪر مافيا جو راج آهي جنهن کي ختم ڪيو وڃي.
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف چيو ته ڪراچي روشنين جو شهر آهي هن شهر جي پنهنجي تاريخ آهي، ڪروڙين ماڻهو ڪراچي ۾ محنت ڪندا آهن، اربين ڊالر ڪمايا ويندا آهن، ڪراچي کي ملڪ جو گيٽ وي چيو ويندو آهي هتي لکين ماڻهن کي روزگار ملندو آهي.
هن چيو ته ڪراچي جا صنعتڪار، واپاري ۽ سيڙپڪار حلال ڪمائي سان ٽيڪس ادا ڪندا آهن، ڪراچي ۾ ڀتا خوري هئي ۽ پرچي سسٽم هلندو هو، عظيم صنعتڪار هن شهر کي خدا حافظ چئي رهيا هئا.
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف چيو ته 1993ع ۾ ڪراچيءَ جو امن تباهه ٿي چڪو هو، نواز شريف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي بدامني کي هميشه لاءِ ختم ڪيو هي سنهري ڪارنامو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڀتا خوري ۽ پرچي جو نظام ختم ٿي ويو، روزگار ۽ ڪاروبار جو ڦيٿو تيزيءَ سان هلڻ لڳو، شهر ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبن لاءِ اربين رپيا ڏنا ويا، ڌانڌلي ذريعي نواز شريف کان اقتدار نه کسيو وڃي ها ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي منصوبو مڪمل ٿي وڃي ها.
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، سندن منشور سڄي قوم آڏو پيش اچڻ وارو آهي، سڀ کان پهريان نوجوانن کي هنر ڏيڻ آهي، ملڪ ۾ هر سال بيروزگاري وڌي رهي آهي، بيروزگاري گهٽائڻ جو پروگرام قوم جي سامهون ايندو.- Advertisement -
