- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي امن امان جي صورتحال بهتر آهي، گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو تيزيءَ سان ڪم ڪيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي ساهه جي صدارت ۾ گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي ۾ اڳڀرائي بابت اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار، علي حسن زرداري، قاسم نويد، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ٿي رهيو آهي جيڪو هڪ تاريخي ۽ نمايان منصوبو هوندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل ٽن صوبن سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کي ڳنڍيندي، منصوبي سان ٽنهي صوبن وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل علاقائي ترقي ۽ هم آهنگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پل منصوبي تي امن امان سبب ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي.
وڏي وزير طرفان ورڪس کاتي کي هدايت ڪندي چوڻ هو ته هاڻي امن امان جي صورتحال بهتر آهي، کيس گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم تيز گهرجي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته کيس 2026ع جي آخر تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم مڪمل گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪانٽريڪٽر تي نومبر جي پهرين هفتي کان گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن لاڳيتو ڪم ڪيو وڃي ته پل 2026ع تائين تيار ٿي ويندي، گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي نومبر کان رات ڏينهن ڪم جي رپورٽ ڏني وڃي.- Advertisement -
