تازه ترين

هو سر ڪريڪ کان جيواڻي تائين پنهنجي خودمختاري ۽ سامونڊي حدن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا: نويد اشرف

- Advertisement -
سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته هو سر ڪريڪ کان جيواڻي تائين پنهنجي خودمختاري ۽ سامونڊي حدن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته  نيول چيف ڪريڪس ايريا ۾ اڳين مورچن جو دورو ڪري آپريشنل تيارين ۽ جنگي اوزارن جو جائزو ورتو. آءِ ايس پي آر موجب، ايڊمرل نويد اشرف دوري جي موقعي تي پاڪ ميرينز ۾ جديد ترين 2400 ٽي ڊي هوور ڪرافٽس کي ٽن يونٽن کي باضابطا طور شامل ڪيو ويو، هوور ڪرافٽس جي شموليت سامونڊي فوج جي آپريشنل صلاحيتن ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نئين شامل ڪيل هوور ڪرافٽس هڪ ئي وقت زميني ۽ پاڻي جي سطحن تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اها زمين ۽ سمنڊ ٻنهي تي هڪ ئي وقت ڪارروائي جي نرالي صلاحيت رکي ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هوور ڪرافٽس پاڪ ميرينز کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نمايان سرسي فراهم ڪندي ۽ دشمن خلاف فيصلائتي ردعمل جي صلاحيت وڌيڪ منصوط بڻائيندي. ان موقعي تي سامونڊي فوج جي سربراهه آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته نون پليٽ فارمن جي شموليت سامونڊي فوج کي جديد گهرجن تحت بڻائڻ جي عزم تحت آهي. ايڊمرل نويد اشرف چيو ته هو سر ڪريڪ کان جيواڻي تائين پنهنجي خودمختاري ۽ سامونڊي حدن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا، سامونڊي فوج جون دفاعي صلاحيتون ڪنارن کان سمنڊ تائين بلند حوصلن وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهن. سندس چوڻ هو ته سامونڊي فوج عربي سمنڊ ۾ امن، استحڪام جي ضامن ۽ علاقائي سامونڊي سلامتي جي اهم ڀائيوار آهي. سامونڊي فوج جي سربراهه چيو ته هو ڄاڻن ٿا ته پنهنجي خودمختاري ۽ سامونڊي سرحدن جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪيئن ڪرڻو آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون