هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ جي افسوس ٿيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ جي افسوس ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ  ايراني قونصل خاني پهتو، جتي هن هيليڪاپٽر حادثي سبب ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير نون ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ايراني قونصل جنرل حسن نورين سان  تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ جي دلي افسوس ٿيو آهي، ڏک جي گهڙيءَ ۾ هو سوڳوار خاندانن ۽ ايراني عوام سان گڏ آهن. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته سندن دعائون ۽ نيڪ خواهشون شهيدن جي سوڳوار خادانن ۽ ايران جي عوام سان گڏ آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڏک جي گهڙيءَ ۾ هو سوڳوار خاندانن ۽ ايراني عوام سان تعزيت ڪن ٿا، پاڪستان قوم ايران صدر ابراهيم رئيس يجي شهادت تي ڏکاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
35%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون